ديسي ٽوڙي

ديسي ٽوڙي (راڳڻي): هي آساوري ٺاٺ جي کاڍو سمپورن راڳڻي آهي، جنهن جي آروهيءَ ۾ گنڌار ڪو نه لڳندو آهي. جڏهن ته امروهي سمپورن اٿس. هن راڳڻيءَ جو وادي سر نکاد ڪري ڳائين ٿا. ڪي گائڪ وري ڌيوت کي وادي سر ڪري استعمال ڪندا آهن، هن راڳڻيءَ جي شڪل جونپوريءَ سان ملي ٿي، گھڻا موسيقار جونپوريءَ کي ئي ديسي ٽوڙي سڏين ٿا. هن راڳڻيءَ جي آروهي: ني- سا- ري- ما- پا- سا ۽ امروهي: سا- ني- ڌا- پا- ما- گا- ري- سا آهي. هن راڳڻيءَ جي ڳائڻ جو وقت ٻپهري آهي.


لفظ ديسي ٽوڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو